آغا ثناالله

آغا ثناالله

آغا ثناالله

آغا ثناالله: مشھور فنڪار آغا ثناالله ولد آغا غلام مرتضيٰ پٺاڻ 24 ڊسمبر 1956ع تي سلطان ڪوٽ، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ ۽ انٽر شڪارپور مان پاس ڪري، خانگي بنيادن تي سکر ڪاليج مان ايم.اي (معاشيات) جي ڊگري حاصل ڪئي. 1986ع ۾ ناڻي کاتي ۾ اڪائونٽنٽ مقرر ٿيو، جتان ترقي ماڻي 2016ع ۾ اڪائونٽ آفيسر جي حيثيت سان رٽائرڊ ٿيو. کيس موسيقيءَ سان ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ هو. جنھن ڪري احمد بخش بدوي کان موسيقيءَ جي باقاعدي سکيا پڻ ورتي. 1971ع ۾ تُرڪي ۽ ايران ۾ به پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. کيس ريڊيي تي 1985ع ۾ نصير مرزا ۽ ٽي.وي تي 1992ع ۾ شاهد ڀُٽي متعارف ڪرايو. 2004ع ۾ ورلڊ سوشل فورم، بمبئي جي پروگرام ۾ ڳائي، داد حاصل ڪيو. ان کان سواءِ سنڌ ٽي.وي، مھراڻ ٽي.وي ۽ آواز ٽي.وي تي پڻ پروگرام ڪري چُڪو آهي. سندس گيتن جا ناز پروڊڪشن ۽ ٿر پروڊڪشن پاران ٽي البم رليز ٿيل آهن. کيس ڪي.ٽي.اين اوارڊ، شيخ اياز اوارڊ، شاهه لطيف اوارڊ، تنوير عباسي اوارڊ، امداد حسيني اوارڊ، حسن درس اوارڊ ۽ مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي اوارڊ ملي چُڪا آهن


لفظ آغا ثنااللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.12.24  عيسوي

مشھور فنڪار آغا ثناالله ولد آغا غلام مرتضيٰ پٺاڻ 24 ڊسمبر 1956ع تي سلطان ڪوٽ، تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راجڪمار هيراڻي
ابن الهيثم
پلي وڏيرو عبدالحليم
تراب لاڙڪاڻوي
احفاظ الرحمان
پلي محمد صديق
انور سيال
عذرا سرور ڪنڌر
سيد صالح محمد شاهه 2
علياڻي قائم خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون